سنڌ حڪومت ضد ڪري مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪري مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان ٿيندو.
تفصيل موجب فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي شدت سنڌ ۾ وڌيڪ آهي. ڪورونا جو شڪار سنڌ جا شهري وفاق طرف ڏسي رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ حڪومت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو۔

مڪمل لاڪ ڊائون سان ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو آهي. سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔