سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. سيد قائم علي شاهه جي وڪيل اڳوڻي وڏي وزير جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم  علي شاهه ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

قائم علي شاهه جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيد قائم علي شاهه بيمار هجڻ سبب پيش نٿو ٿي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. جنهن تي عدالت شرجيل ميمڻ، قائم علي شاهه ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ نيب کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔