اين سي او سي طرفان ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ 13 شهرن ۾ بندشن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد : اين سي او سي طرفان ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ 13 شهرن ۾ بندشن جو نوٽيفڪيشن جاري، پابنديون اڄ کان لاڳو، نوٽيفڪيشن موجب هوٽل ۽ ريسٽورنٽس ۾ انڊور ڊائننگ تي پابندي، ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي، اِنڊور سماجي تريبن، جلسن ۽ اجتماعن تي به بندش لڳائي وئي، تفريحي ماڳ ۽ سوئمنگ پولز بند، پبلڪ پارڪس ايس او پيز تحت کلندا، ڪاروباري مرڪز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا، هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رهندو پر ڏينهن جو فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون، سفر دوران کاڌي جي شين جي فراهمي تي پابندي، گاڏين ۾ 50 ۽ ٽرينز ۾ 70 سيڪرو مسافر سفر ڪري سگهندا، انڊور شادي تقريبن تي 8 آگسٽ کان پابنديون لاڳو ڪيون ويون آھن، رات 10 وڳي تائين 400 ماڻهن سان آئوٽ ڊور تقريب جي اجازت ڏني وئي آھي، نجي ۽ سرڪاري آفيسز ۾ 50 سيڪڙو عملو ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔