اين سي او سي موڊرنا ويڪسين بابت نئين گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موڊرنا ويڪسين بابت نئين گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏيون، اين سي او سي جي موجب موڊرنا ويڪسين عام شهرين کي لڳائي سگهجي ٿي ۽ هي ويڪسين 16 سالن کان وڌيڪ واري عمر جي شاگردن کي به لڳائي سگهجي ٿي، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته موڊرنا ويڪسين ڳورهاري عورتن کي به لڳائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔