ايتري ويڪسين ناهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ لاءِ اچي رهيا آهن: ناصر شاهه

ڪراچي: سڌ سماءُ واري صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته ايتري ويڪسين موجود ناهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ لاءِ اچي رهيا آهن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناصر شاهه جو چوڻ هو ته بنگالي ۽ برمي ماڻهن جي علائقن ۾ به ويڪسينيشن سينٽر کوليا ويا آهن، جڏهن ته ڊرائيوٿرو ويڪسينيشن سينٽر کولڻ پيا وڃون، هن کان علاوه گرين لائن جي ٽريڪ تي ته ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر ٺاهڻ تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هن چيو آهي ته جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهي انهن کي به ويڪسينيشن ٿيڻ گهرجي ۽ ويڪسينِيشن ايتري دستياب نه آهي جيترا ماڻهون ويڪسين لاءِ اچي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو آهي ته چاهي ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔