عاصم سليم باجوه پاران چيئرمين سي پيڪ جي عهدي تان استعيفيٰ، خالد منصور وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر

اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ، چيئرمين پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ جي تصديق وفاقي وزير رٿابندي اسد عمر به ڪئي آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان، خالد منصور کي سي پيڪ معاملن بابت خاص معاون مقرر ڪيو آهي، جنهن لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه عاصم سليم باجوه ٽوئيٽ ڪيو ته هو الله جو شڪر گذار آهي ته جنهن سي پيڪ جهڙو ادارو هلائڻ جو موقعو ڏنو، جيڪو وزيراعظم جي اعتماد ۽ تعاون کانسواءِ ممڪن نه هو. هن چيو ته سي پيڪ اسان کي مڪمل طور تي ترقي يافته ملڪ بڻائيندو جڏهن ته سي پيڪ پاڪستان جي لائف لائن آهي. عاصم سليم باجوه سي پيڪ جي خصوصي معاون خالد منصور لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خالد منصور وٽ سي پيڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي پوري صلاحيت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔