سنڌين ۽ پختونن کي نقصان پهچائيندڙ عنصر گرفتار ڪيا وڃن: اياز لطيف پليجي ۽ شاهي سيد جو مطالبو

ڪراچي: اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان رابطو ڪندي چيو آهي ته سنڌين ۽ پختونن جي وچ ۾ غلطفهميون پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ ڌرتي سنڌين جي آهي پختون محنت ڪري زندگي رهيا آهن، سنڌ واسي نفرت ڦهلائيندڙ عنصرن جي سازش ۾ نه اچن. اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچارو اسان سڀني جي ضرورت آهي، سنڌي، پختون، بلوچ، پنجابي، اردو ڳالهائيندڙ سڀ ڀائر آهن، حڪومت سنڌين ۽ پختونن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي گرفتار ڪري. هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن جي آمد سنڌ ۾ امن امان کي متاثر ڪندي، ڪراچي ۾ مڪمل امن امان لاءِ غير قانوني هٿيار ضبط ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔