ڪورونا: پي آءِ اي جي فضائي ميزبانن لاءِ نوان حڪم جاري

ڪراچي : ڪورونا جي چوٿين لهر کي ڏسندي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) فضائي ميزبانن لاءِ نوان حڪم جاري ڪندي ويڪسينيشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
پي آءِ اي جي فلائٽ سروس شعبي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ بنا فضائي ميزبانن جي ڊيوٽي تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب ويڪسينيشن جي صورت ۾ نادرا جو سرٽيفڪيٽ لازمي ڏيکارڻو پوندو، حڪومتي هدايتن موجب پهرين آگسٽ کان بنا سرٽيفڪيٽ فضائي ميزبانن جي اندرون ملڪ اڏامن ۾ مقرري نه ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔