ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: بابر اعظم تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

برج ٽائون : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم ۾ تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پاڪستاني ٽيم اڄڪلهه 4 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ويسٽ انڊيز جي موجود آهي، سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي.
ان حوالي سان آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ڏاڍي اهم آهي، اسان پنهنجي قوت جاچينداسين ته جيئن ڪامبينيشن ٺاهي سگهون، ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان کي پنهنجو ڪامبينيشن ڏسڻو آهي.
هن چيو ته اسان کي اڳ واريون غلطيون ناهن ورجائڻيون ۽ ٽيم ۾ شامل سڀني رانديگرن کي اعتماد ڏيڻو آهي، مان ذميواري سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ هر ميچ ۾ اميدن تي پورو لهڻ چاهيندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته اسان فيلڊنگ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين، ڪنهن کي کيڏائڻو آهي، ان حوالي سان فيصلو تقريبن ڪري چڪا آهيون، ويسٽ انڊيز جي ڪنڊيشن مختلف آهي، ڪوشش ڪنداسين ته سڀني کي موقعو ڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔