شهزور ڪاشف ڪي ٽو سَر ڪندڙ ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو

لاهور: شهزور ڪاشف وڌيڪ هڪ ڪارنامو انجام ڏيندي ڪي ٽو چوٽي کي سر ڪري ننڍي عمر وارو جبل چاڙهو بڻجي ويو.
19 سالن جي لاهور واسي شهزور ڪاشف ننڍي عمر ۾ ڪي ٽو چوٽي تي چڙهڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
نوجوان جي پيءَ ڪاشف سلمان ان ڳالهه جي تصديق ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شهزور ٻه مهينا اڳ مائونٽ ايورسٽ چوٽي سَر ڪرڻ وارو پاڪستان جو ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻيو هو، هاڻي شهزور ڪاشف دنيا جي ٻيو نمبر ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي چوٽي به سَر ڪري ورتي آهي.
شهزور ڪاشف نڪرڻ کان اڳ ڪي ٽو سميت سمورين سَر ڪيل چوٽين تي پاڪستان جو جهنڊو لهرائڻ جو عزم ڪيو هو، ان ڪاميابي ۽ خوابن جي تعبير کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ سندس والد جو وڏو هٿ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔