بدين ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي علامتي بک هڙتال

بدين جي ايريگيشن سب ڊويزن ميرواهه تلهار ڪڍڻ قاضيه واهه جي مخلتف واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي پريس ڪلب بدين اڳيان علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
آبادگار اڳواڻن حاجي حنيف خاصخيلي، عبدالحئي منڌرو، ربڏنو جمالي، حاجي شير جمالي، گل محمد منڌرو، غلام رسول ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن هارين علامتي بک هڙتال شروع ڪندي چيو ته ايريگيشن ۽ سيڊا جي نااهلي ڪامورن خلاف نعريبازي ڪئي.
هنن چيو ته نااهل ڪامورن سبب شير واهه سمال سنهي گهوني مورجھر ميرواهه اولڊ قاضيه واهه، سورهڏي راڄ واهه، علي واهه جي پوڇڙ ۾ پاڻي نه ٿو پهچي، جنھن سبب آبادگار سخت پريشان، اهن خريف جو پوکيل فصل سڙي رهيو آهي.
هنن چيو ته جيڪڏهن 30 جولائي تي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، جنهن بعد سيڊا چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر جي آفيسن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.
ان موقعي تي شڪور نهڙيو، جبار ملاح، حنيف ڊوگر، علي محمد سومرو، ڊاڪٽر ابراهيم سومرو، لالا محمد نواز ۽ ٻيا آبادگار پڻ موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔