ڀارتي پوليس جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ڇهه اهلڪار مارجي ويا، پنجاهه کان وڌيڪ زخمي

نئين دهلي: ڀارت ۾ بن رياستن جي پوليس هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 اهلڪار مارجي ويا. جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.اهو واقعو ڀارتي رياست آسام ۽ ميوزرام جي پوليس وچ ۾ سرحدي تڪراري جي معاملي تي پيش آيو. ميڊيا رپورٽ موجب فائرنگ جو واقعو ٻنهي رياستن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري سرحدي تڪرار جي معاملي تان پيش آيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران زخمي ٿيندڙن اهلڪارن جو تعلق ٻنهي رياستن سان آهي جڏهن ته مارجي ويل پوليس اهلڪارن جو تعلق آسام سان آهي.آسام جي ميزورام سان گڏ 164 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد لڳي ٿي ۽ ٻنهي رياستن وچ ۾ سرحدي حد بندي جي معاملي تي ڊگهي عرصي کان تڪرار جاري آهي پر اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ٻنهي رياستن جي پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي. ڀارت جي وفاقي حڪومت 1994ع کان رياستن جي وچ ۾ سرحدي حد بندي جا معاملا حل ڪرڻ جي لاءِ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش رهي آهي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي.ٻئي طرف گهرو وزير اميت شاهه آسام ۽ ميورام جي وڏن وزيرن همانٽا بسوا سرما ۽ زورميٿنڪا سان رابطو ڪري ان تي زور ڏنو ته هو ان مسئلي جو حل ڳولي. تڪراري سرحد تي امن کي يقيني بنائي. ٻنهي رياستن جي وڏن وزيرن سميت ٻنهي طرفن کان ٻين عهديدارن هڪ ٻئي تي تشدد ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔