ڪورونا وبا وڌيڪ اوڻيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٽي هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته 3262 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 49 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3262 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جو انگ 1.011.708 ٿي وئي آهي. جن مان 928.7222 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔