شهزاد اڪبر سان تڪرار: جهانگير ترين گروپ جو پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ گرفتار

لاهور: پوليس وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ جهانگير ترين گروپ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نذير چوهاڻ جي گرفتاري وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جي مدعيت ۾ داخل ڪيس جي تحت ٿي آهي. پوليس نذير چوهاڻ جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ميمبر کي جاچ ۽ وائس ميچنگ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. نذير چوهاڻ ايل ڊي اي ڪامپليڪس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي سان ملاقات لاءِ آيو ته پوليس سندس فون لوڪيشن ذريعي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي جتي عمارت مان ٻاهر اچڻ تي پوليس موبائيل ۾ ويهاريو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔