پنج آفيسرن سميت ڇائيتاليهه فوجين کي افغان اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪستان پنج آفيسرن سميت 46 افغان فوجين کي افغان اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب افغانستان ۾ طالبان جي حملن دوران پاڪستان ايندڙ 5 آفيسرن سميت 46 افغان فوجين کي انهن جي هٿيارن ۽ ٻئي سامان سان گڏ باجوڙ ۾ نواپاس واري هنڌ تي افغانستان جي حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب افغان نيشنل آرمي ۽ بارڊر فورس جي درخواست تي ان فوجين کي داخلا جو محفوظ رستو ڏنو ويو. ضرورت وقت پاڪستان پنهنجي افغان ڀائرن جي هر طرح جي مدد جاري رکندو. واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪ فوج افغان نيشنل آرمي جي 46 سپاهين ۽ پنج آفيسرن کي ضروري فوجي پروسيجر کان پوءِ پاڪستان ۾ پناهه ۽ محفوظ رستو ڏنو هو. آءِ ايس پي آر موجب افغان نيشنل آرمي جي لوڪل ڪمانڊر جو چترال جي اروندو سيڪٽر ۾ پاڪ آرمي سان رابطو ٿيو هو. افغان نيشنل آرمي 46 سپاهين جي لاءِ محفوظ رستي جي درخواست ڪئي هئي جن ۾ پنج آفيسر به شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔