اميد آهي سعودي عرب پاڪستانين جي لاءِ ويزا پابندين واري فيصلي تي نظر ثاني ڪندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب جي خوشحالي پاڪستان جي ترقي آهي. ٻنهي ملڪن هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. مشڪل حالاتن ۾ سعودي جي مدد جا ٿورائتا آهيون. اميد آهي ته سعودي عرب پاڪستانين جي لاءِ ويزا پابندين تي نظر ثاني ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي پرڏيهي وزير فرحان بن فيصل سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سعودي عرب سان وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ٿيون. سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ترقي کي پنهنجي ترقي سمجهون ٿا. ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. مشڪل حالاتن ۾ سعودي قيادت طرفان مدد تي ٿورائتا آهيون. ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جو موقف تعريف جوڳو آهي ۽ آءِ سي سي ۾ مثبت ڪردار تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔