ڪورونا وبا وڌيڪ 37 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 2100کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي انگ ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿيڻ لڳي آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2145 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 40 هزار 805 ٽيسٽ ڪيا ويا. جن مان 2145 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 37 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 5.25 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 37 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ موذي وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 22 هزار 848 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 10 هزار 892، سنڌ ۾ 5 هزار 737، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 391، اسلام آباد ۾ 787، بلوچستان ۾ 319، گلگت بلتستان ۾ 120 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 602 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔