حج جي ادائيگي جو سلسلو جاري، اڄ رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪيو ويندو

مڪوشريف: حج جي ادائيگي جو سلسلو جاري آهي. هلندڙ سال ڪورونا وبا سبب 60 هزار حاجي سڳورا حج جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن. اڄ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪيو ويندو. جڏهن ته امام ڪعبه حج جو خطبو ڏيندو. 

مڪو شريف لبيڪ اللهم لبيڪ جي صدائن سان گونجي اٿيو. 60 هزار حاجي سڳورا حج جي قافلي ۾ منيٰ کان ميدان عرفات پهتا. جتي حج جو اهم رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪندا. مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏنو ويندو ۽ حاجي سڳورا پنهنجو سمورو ڏينهن عبادت ۾ گذاريندا. حاجي سڳورا مغرب جي نماز کان پوءِ مزدلفه ويندا ۽ نماز کان ڪنڪريون گڏ ڪندا.

ان کان اڳ مسجد الحرام ۾ ڪعبي جو غلاف تبديل ڪرڻ جي تقريب به منعقد ٿي. نئين ڪعبي جي غلاف کي 670 ڪلو گرام ريشم سان ٺهيل ڪاري ڪپڙي سان ٺاهيو ويو آهي. غلاف تي 120 ڪلو گرام سنهري ۽ هڪ سئو ڪلو گرام چاندي جي ڌاڳي سان قرآني آيتون ۽ مقدس ڪلما نقش ڪيا ويا آهن. حاجي سڳورا اڄ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه ادا ڪندا.

امام ڪعبه مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندو. هلندڙ سال ويڪسين لڳرائيندڙ 60 هزار ماڻهن کي حج جي اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڪورونا کان اڳ هر سال تقريبن 30 لک مسلمان حج جي ادائيگي لاءِ مڪي شريف پهچندا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔