ممتاز ڀٽي جي جنازي نماز ميرپور ڀٽو ۾ ادا، لاش کڄڻ وقت ڏکارو ماحول !

رتو ديرو:سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو جي جنازي نماز مير پور ڀٽو ۾ ادا ڪئي وئي. ممتاز علي ڀٽو جي جنازي نماز ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو,سردار عامر خان ڀٽو, سردار ذوالفقار علي ڪماريو,اڳوڻي سينيٽر صفدر علي عباسي,ايم پي اي معظم علي عباسي,ديدار جتوئي,جي يو آء سنڌ جو جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو,مير مٺل ٽالپر,ايم پي اي اسلم ابڙو,اڪرم ابڙو سميت ھزارين سياسي,سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سردارممتاز علي ڀٽو کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو پيو وڃي. ممتاز ڀٽو جو لاش کڄڻ وقت ڏکارو ماحول، ڪيترائي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔