ڪراچي: چرس اسمگل ڪيس: سي آءِ اي اهلڪار عدالت ۾ پيش

ڪراچي: ڄامشورو سي آءِ اي پوليس جي گرفتار اهلڪارن محمد يعقوب، غلام عباس، اعجاز ملاح، احمد نواز سميت 7 ڄڻن کي عدالت پھچائي ڇڏيو. ڪجھ ئي دير ۾ جوابدارن کي جج آڏو پيش ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته تلاشي دوران مجموعي طور تي 76 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، ڊرائيونگ سيٽ تي محمد يعقوب ۽ فرنٽ سيٽ تي اهلڪار غلام عباس ويٺل هو، ٻئي اهلڪار سادن ڪپڙن ۾ هئا، موبائيل جي پويان اعجاز ملاح، احمد نواز ۽ ٻيا ويٺل هئا. پوليس موجب هڪ ٻوري مان چرس جا 44 پاڪيٽ ۽ ٻي ٻوري مان 20 پاڪيٽ مليا.عدالت کي جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي ڏيڻ جي استدعا ڪنداسين. گرفتار اهلڪارن تي بوٽ بيسن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔