عوام جون زندگيون بچائيندڙ ڪورونا جي نشاني تي!

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سان گڏ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 هيلٿ ورڪرز به وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، جنهن کانپوءِ متاثر هيلٿ ورڪرن جو انگ 16 هزار 698 ٿي ويو آهي.
ڪورونا سان پهرين صف ۾ مهاڏو اٽڪائيندڙ هيلٿ ورڪرز وائرس جي نشاني تي اچي ويا آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 15 هيلٿ ورڪرز ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 ڊاڪٽرن، 5 نرسن سميت اسپتال جي عملي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، هن وقت تائين 9978 ڊاڪٽر، 2382 نرسون، 4338 هيلٿ اسٽاف وائرس سان مبتلا ٿي چڪا آهن.
صحت واري وزارت جي ذريعن موجب ملڪ ۾ هن وقت تائين 164 هيلٿ ورڪر ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 320 هيلٿ ورڪر گهرن ۽ 18 اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وائرس ۾ مبتلا ٿيندڙ توڙي فوت ٿي ويل هيلٿ ورڪرن مان گهڻن جو تعلق سنڌ سان آهي، سنڌ ۾ 5877 هيلٿ ورڪر جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري ۽ 57 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
اهڙي ريت پنجاب ۾ متاثر ٿيل هيلٿ ورڪرن جو انگ 3477، ڪي پي ۾ 3969، اسلام آباد ۾ 1522، گلگت ۾ 256 ۽ بلوچستان ۾ 845 آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 752 هيلٿ ورڪرز جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آهي.
پنجاب ۾ هن وقت تائين 29 ، ڪي پي ۾ 44، گلگت ۾ 3، بلوچستان ۾ 9 ۽ آزاد ڪشمير ۾ به 9 هيلٿ ورڪرز موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔