گذريل عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ اٽلي يورپيئن چيمپيئن بڻجي ويو

لنڊن : ورلڊ ڪپ 2018 لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ اٽليءَ جي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي يورو ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو.
لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ يورو ڪپ جو فائنل انگلينڊ ۽ اٽلي جي ٽيمن ۾ ٿيو ۽ مقرر وقت ۾ نتيجو نه نڪرڻ سبب فاتح لاءِ پيلنٽي شوٽس جو سهارو ورتو ويو.
انگلينڊ جي ٽيم ميچ جي ٻئي منٽ ۾ ئي گول ڪري اٽلي تي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي پر ٻئي هاف جي 67هين منٽ ۾ اٽلي گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو ۽ واڌو 30 منٽن ۾ به ٻئي ٽيمون وڌيڪ گول نه ڪري سگهيون.
پينلٽي شوٽس ۾ 1966 کانپوءِ فٽبال جي ڪنهن به وڏي ايونٽ جي فائنل ۾ پهچندڙ انگلينڊ جي ٽيم کي اٽلي 2-3 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو يورپيئن چيمپيئن بڻجي وئي.
واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ ڊنمارڪ کي شڪست ڏئي 55 ورهين کانپوءِ فائنل ۾ پهچ حاصل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔