مشهور اداڪارا کي لڄالٽ جون ڌمڪيون

ڪلڪتو : ڀارتي رياست اولهه بنگال جي مشهور اداڪارا پرتوشيا پال کي سوشل ميڊيا تي ريپ جون ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ سائبر ڪرائم سيل پاران ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ٽي وي اداڪارا توشيا پال ٻڌايو ته کيس انسٽاگرام تي مختلف اڪائونٽن ذريعي ريپ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙو سلسلو جولاءِ 2020 ۾ ان وقت شروع ٿيو، جڏهن هڪ اڪائونٽ تان گٿن لفظن وارا پيغام اماڻيا ويا.
اداڪارا ان حوالي سان پوليس کي اطلاع ڏيڻ جو سوچيو پر پاڙيسرين ۽ ويجهن ماڻهن کيس ان معاملي تي ڌيان نه ڏيڻ جي صلاح ڏني.
اداڪارا موجب کيس هڪ ئي شخص پاران مختلف اڪائونٽن ذريعي گٿا پيغام اماڻيا پيا وڃن، مون کيس بلاڪ ڪيو ته ان نئون اڪائونٽ ٺاهي منهنجون ايڊٽ ٿيل فحش تصويرون موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيون، ان کانسواءِ ان شخص مون کي ريپ جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن.
هن ٻڌايو ته هن وقت تائين ان شخص جا 30 اڪائونٽ بلاڪ ڪري چڪي آهيان، اهو 31هين اڪائونٽ تان به مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
ڪلڪتي پوليس جي سائبر سيل پاران اداڪارا جي درخواست تي ڪيس داخل ڪندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔