حيدرآباد: ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو ٻين خلاف ڪاروائي وارو آرڊر معطل

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ففٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران ڊي ايس پي سائيٽ ۽ ايس ايڇ او سميت ٻين خلاف 154 واري ڪاروائي وارو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو، ٽن هفتن بعد ڌرين کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم، ففٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ليبر ڪالوني جي رهواسڻ مسمات ممتاز بي بي جي درخواست تي ڊي ايس پي سائيٽ ايوب پاٽولي، اڳوڻي ايس ايڇ او غلام حيدر شاهاڻي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل سميت ٻن فيڪٽري مالڪن خلاف بيان رڪارڊ ڪري 154 جي ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو، فئڪٽري مالڪ ۽ ڊي ايس پي سائيٽ وڪيلن معرفت عدالت ۾ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ليبر ڪالوني جي رهواسڻ ممتاز بي بي جي مڙس شيرين دادا خلاف ڪرمنل ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ سندن خلاف عدالت ۾ بي بنياد درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج نمبر 5 جي عدالت وارو آرڊر معطل ڪندي ڌرين کي ٽن هفتن بعد جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔