اسان جي شهرين کي في الحال نه ڪڍو: افغانستان جي يورپ کي اپيل

ڪابل : افغان حڪومت يورپي ملڪن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي افغان شهرين جي ملڪ بدري کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن لاءِ پوئتي ڪري ڇڏين.
افغانستان اڄڪلهه ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار آهي، هڪ پاسي عسڪريت پسند ملڪ جي مختلف علائقن تي تيزيءَ سان قبضا ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري اندرون ملڪ خاندانن جي لڏپلاڻ جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، گڏوگڏ ڪورونا جي تازي لهر سبب به افغانستان ۾ حالتون پريشان ڪندڙ آهن.
افغانستان ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي موجب موجوده حالتن ۾ اتي اڳ کان ئي خراب صورتحال وڌيڪ بگڙي وئي آهي، ملڪ جي تقريبن 33.5 ملين ماڻهن کي انساني امداد جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔