حڪومت بجلي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيپرا مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 26 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نيپرا بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 29 جون 2021ع تي فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز تي عوامي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سي پي پي اي فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز جي مد ۾ 12 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي.
نيپرا وڌيڪ چيو ته اٿارٽي بجلي جي اگهه ۾ 26 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي اِهو جولاءِ مهيني جي بلن ۾ لاڳو هودنو ۽ ڊسڪوز جا سمورا واهپيدار 300 تائين يونٽ استعمال ڪندڙ لائف لائن ۽ زرعي واهيپدار فائدو کڻي سگهندا.
واضح رهي ته بجلي اگهن ۾ لاٿ ڪي اليڪٽرڪ تي لاڳو نه هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔