ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ موديءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب نٿيون ڏئي سگهن: بلاول

حويلي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ ڪشميري عوام کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي ڊڪٽيشن تي هلڻ لاءِ تيار ناهيون، دهلي ۽ اسلام آباد جي به ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، پ پ چيئرمين پاران آزاد ڪشمير جي علائقي حويلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم تي تنقيدي وار ڪيا ويا، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان جو وزيراعظم ڪٺ پُتلي، سليڪٽيڊ، ناجائز، نااهل ۽ نالائق آهي، بزدل وزيراعظم ڪشميرين لاءِ به ڳالهائي نٿو سگهي، هو ڪشميري ڀائرن جي اُميدن تي پورو نه لٿو، هي عجيب وزيراعظم آهي جو هر ڪنهن منصوبي تي پنهنجو نالو رکي ٿو، پيپلز پارٽي اڪيلي جماعت آهي، جيڪا ڪشمير تي سوديبازي نه ڪندي، پيپلز پارٽي جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ اسان جا جلسا ڏسي وٺن، جيستائين جيالا آهن، پيپلز پارٽي کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔