بارز پاران سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري تي تحفظات جو اظهار

ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل ، هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ تازو ئي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر هڪ قابل جج آهي پر سينيارٽي ۾ پنجين نمبر تي آهي، سنڌ مان ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ، سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو وڃي ها. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ تائين ججن جي تقرري لاءِ هدايتون موجود آهن، جڊيشل ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي تقرري جي طريقيڪار کي شفاف بڻائڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔