صحت کاتي ڪراچي جو هٽايل ڊائريڪٽر عثمان ميمڻ ڪلاڪ ۾ بحال، ڊپٽي ڊي جي مقرر!

ڪراچي: صحت کاتي ڪراچي جي هٽايل ڊائريڪٽر عثمان ميمڻ کي ڪلاڪ اندر ئي ٻيهر بحال ڪري ڊپٽي ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري پاران عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرايل بااثر ڪاموري پاڻ کي هڪ ڪلاڪ اندر ئي بحال ڪرائي ڇڏيو. عثمان ميمڻ کي چيف سيڪريٽري پاران هٽائڻ کان هڪ ڪلاڪ بعد ڊي جي آفيس حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊي جي طور مقرري ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔