ڪورونا وائرس جي نئين ۽ وڌيڪ خطرناڪ قسم(ليمبڊا) سامهون اچي وئي

لنڊن: دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ۽ وڌيڪ موذي خطرناڪ قسم ليمبڊا سامهون اچي وئي آهي.برطانوي ميڊيا موجب ليمبڊا ويرينيٽ اصل ۾ ڪورونا وائرس جي نسبت پکيڙ جي وڌيڪ صلاحيت رکي ٿي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين قسم ڊيلٽا، ايلفا ۽ گاما وارين قسمن کان به وڌيڪ پکڙجي ٿي. ليمبڊا وائرس ڪورونا ويڪسين جي خلاف به وڌيڪ مزاحمت جي صلاحيت رکي ٿو.ڪورونا جي ليمبڊا قسم سڀني کان پهرين پرومين ڊسمبر ۾ هٿ آئي هئي ۽ هي نئين قسم چلي سميت 27 ملڪن ۾ پکڙجي چڪي آهي. برطانيه ۾ 23 فيبروري کان 7 جون وچ ۾ ليمبڊا وائرس جا 6 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔