ڪورونا ويڪسينيشن جو رڪارڊ هاڻ اسمارٽ فون تي به ملي سگهندو

نيويارڪ: ڪورونا جي خلاف طاقت وڌائڻ جي لاءِ هڪ طرف جتي ڪورونا ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي اتي هاڻ صارفين جي آساني لاءِ جلد ئي ڪورونا ويڪسينيشن جو رڪارڊ اسمارٽ فون تي به ملي سگهندو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب گوگل طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ اهو اعلان سامهون آيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل پاسز ۽ ويڪسينيشن ڪوڊ محطوظ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ايپليڪيشن پروگرامنگ انٽر فيس کي اپ ڊيٽ ڪيو آهي. في الحال ڪوبه صارف پنهنجو ويڪسينيشن ڪارڊ گوگل تي اپ لوڊ نٿو ڪري سگهي پر گوگل طرفان اپ ڊيٽ ڪيل اي پي آءِ سرڪاري ايجنسيز جي ڊويلپرز ۽ سموري دنيا جي طبي ادارن کي ويڪسينيشن ڪارڊز جو ڊيجيٽل ورزن ۽ ڪورونا ٽيسٽ رزلٽ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔