حارث سهيل جي انگلينڊ خلاف پهرين ميچ ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي، صهيب جي شموليت جا امڪان

لاهور: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر حارث سهيل فٽنس جي مسئلن سبب سندس پهرين ميچ ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حارث سهيل جي حوالي سان اپ ڊيٽ جاري ڪئي آهي جنهن موجب پاڪستاني رانديگر حارث سهيل فٽنس مسئلن جو شڪار آهي حارث سهيل کاٻي ٽنگ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيو آهي جنهن سبب هو اڄ ۽ سڀاڻي ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.پي سي بي موجب حارث سهيل تڪليف سبب ٻنهي انٽرا اسڪواڊ ميچن ۾ به حصو نه ورتو هو جنهن کان پوءِ ان جي ري هيب جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان جو ايم آر آءِ اسڪين سڀاڻي ڪارڊف ۾ ٿيندو ۽ اسڪين رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ کيس پهرين ميچ ۾ کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔