پاڪستاني شوبز فنڪارن جي ساٿي اداڪارائن جي ڪپڙن تي سخت تنقيد

لاهور: پاڪستان جي مشهور فنڪارن گذريل رات اسٽائل ايوارڊ جي تقريب ۾ اداڪارائن جي وائرل ٿيندڙ تصويرن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي کين سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.نجي ٽي وي اهتمام هيٺ منعقد ڪيل رنگارنگ ايوارڊ جي تقريب ۾ پاڪستاني اداڪارائن مغربي ڪپڙا پاتا جنهن تي مداحن سميت ساٿي اداڪارائن به سوال اٿاري ڇڏيا آهن.مشهور اداڪار بلال قريشي انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سڀ خوبصورت ۽ باصلاحيت آهيو مون تي ڀروسو ڪريو. ايوارڊ شو ۾ بهتر نظر اچڻ لاءِ اوهان کي اهڙن ڪپڙن پائڻ جي ضرورت ناهي جنهن سان جسم ظاهر ٿئي.اداڪار ۽ ميزبان فيضان شيخ پنهنجي اسٽوري ۾ عورتن جي لباس تي حيرانگي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسٽائل جو مطلب مهانگا ڪپڙا ناهن هوندا. اسٽائل جو مطلب جلد جي نمائش ناهي هوندي، اوهان ڪلاسي ۽ سادي لڪ سان به اسٽائلش نظر اچي سگهو ٿا.ٻئي طرف اداڪاره نور بخاري انسٽاگرام تي اداڪارائن جون تصويرون پوسٽ ڪيون جن جي چهرن تي ايموجي لڳل هئي. نور بخاري سوال ڪيو ته ڇا هي اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي.؟ اداڪاره نازش جهانگير ۽ عفت عمر به تنقيد ڪندي ملڪ ۾ اداڪارائن جي فيشن سينس کي مرده قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔