سفارتڪارن ۽ اين جي اوز لاءِ نه صرف پرڏيهي فوجين لاءِ خطرو آهيون: طالبان

دوحا: افغان طالبان جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته ڪابل ايئرپورٽ تي سفارتڪارن ۽ اين جي اوز جي حفاظت بهاني پرڏيهي فوجين جي افغانستان ۾ موجودگي کي ملڪ تي قبضو ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي سمجهندي سخت رد عمل ڏينداسين.برطانوي خابرو اداري کي انٽرويوڏيندي طالبان جي دوحه ۾ سياسي آفيس جي ترجمان شاهين افغانستان مان پرڏيهي فوجين جي نڪرڻ، سيڪيورٽي فورسز کان اڪثر ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالڻ تي طالبان جي پاليسين تي کلي ڳالهيون ڪيون.هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان سهيل شاهين واضح ڪيو ته طالبان، سفارتڪارن، سفارتخاني جي عملي ۽ پرڏيهي اين جي اوز جي خلاف نه آهن ۽ نه ئي ان ماڻهن کي طالبان مان ڪنهن به قسم جو خطرو آهي پر پرڏيهي فوجين جي ملڪ ۾ موجودگي جي خلاف آهن ۽ انهن جي لاءِ خطرو آهن.طالبان ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هڪ به آمريڪي فوجي ڪابل ايئرپورٽ، سفارتڪارن ۽ اين جي اوز جي بهاني افغانستان ۾ ترسي ٿو ته ان عمل کي امن معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪ تي قبضو سمجهيو ويندو ۽ طالبان قيادت ان تي سخت رد عمل جو فيصلو به ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔