سموري دنيا ۾ فيس بُڪ جي بندش، صارفين سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

لاهور:  سموري دنيا ۾ فيس بُڪ سروس کي بندش کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن جي ڪري صارفين کي سوشل ويب سائيٽ تائين پهچ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب صارفين فيس بُڪ اڪائونٽ تائين پهچ ۽ پليٽ فارم جي اهم خصوصيتن کي متاثر ڪندڙ اوچتو ٽيڪنيڪي مسئلن جي اطلاع ڏني آهي.

ميٽا طرفان اڃان تائين انهي بندش جي باري ۾  ڪابه سرڪاري وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي، اها ٽيڪنيڪي خرابي آچر تي اوچتو پيدا ٿي جنهن جي ڪري فيس بڪ صارفين اڪائونٽس تائين پهچ يا پليٽ فارم جي بنيادي فيچرز کي استعمال ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن.

صارفين ايپ ۽ ويب سائيٽ جي ذريعي لاگ ان جي ناڪام ڪوششن سان گڏوگڏ سست يا غير دستياب نيوز فيڊ اپ ڊيٽس سميت ٻين مسئلن جي به اطلاع ڏني. ڪجهه صارفين کي لنڪ ڪيل ميسنجر سروس جي ذريعي تصويرون ۽ وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ يا پيغام اماڻڻ ۾ به ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪيترائي متاثر صارفين انهي خلل جي اطلاع ڏيڻ ۽ پنهنجي پوسٽن کي اپلوڊ ڪرڻ جي لاءِ متبادل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز خاص طور تي ايڪس جو استعمال ڪري رهيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔