ايمن سليم اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي: ٽي وي اداڪارا ايمن سليم اداڪاري ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي آگاهه ڪندي ايمن سليم چيو ته هاڻي مان اداڪاري نه ڪنديس، گڏوگڏ هن مستقبل جي حوالي سان مداحن کي جلد آگاهي ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.
ايمن سليم انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان انڊسٽري سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهيان ۽ سدائين ان سان جڙيل رهنديس.
واضح رهي ته ايمن سليم پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سليم يوسف جي نياڻي آهي ۽ شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ کيس ڀارتي اداڪارا ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي گهرواريءَ انوشڪا شرما سان به ڀيٽيو ويو هو ۽ ٻنهي کي هم شڪل قرار ڏنو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔