سرڪاري ملازمن کي عيد کان اڳ پگهار ڏيڻ جو فيصلو

لاهور : پنجاب حڪومت سڀني سرڪاري ملازمن کي عيد کان اڳ ايڊوانس پگهار ۽ پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي گورنر جي هدايتن تي جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن ۾ سڀني لاڳاپيل سرڪاري کاتن کي 16 جولاءِ تائين پگهارون جاري ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ ان حوالي سان سمورا معاملا وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، وڏي عيد کان اڳ سڀني سرڪاري ملازمن کي پگهارون، پينشن ۽ ٻيا فنڊ جاري ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔