طالبان کان ڊڄي هزار کان وڌيڪ افغاني فوجي تاجڪستان فرار

ڪابل : طالبان کان بچڻ لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ افغان فوجي سرحد پار ڪري تاجڪستان ۾ داخل ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب افغانستان جي اتر صوبي بدخشان ۾ طالبان تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪندي سرحد ڏانهن وڌي رهيا آهن.
تاجڪستان نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اڄ هڪ هزار 37 افغان فوجي زندگيون بچائڻ لاءِ تاجڪستان آيا، جن کي پاڙيسري هجڻ جي ڪري ملڪ داخل ٿيڻ ڏنو ويو.
واضح رهي ته طالبان بدخشان صوبي جي 6 ضلعن جو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
ان کان اڳ مئي جي منڍ ۾ به سوين افغان فوجي سرحد پار ڪري تاجڪستان ۾ پناهه وٺي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔