موڊرنا ويڪسين جون 25 لک خوراڪون پاڪستان پھچي ويون

امريڪا کان موڊرنا ويڪسين جون 25 لک خوراڪون اسلام پھچايون ويون. امريڪي سفارتخاني موجب موڊرنا ويڪسين امريڪا طرفان عطيو ڪيون ويون آھن. امريڪي سفارتخاني جي ناظم المور اينجلاپي ايگلر جون نجي چئنل سان ڳالھائيندي چوڻ ھو تھ امريڪا ڪورونا ويڪسين پاڪستان موڪليون ۽ ويڪسين پاڪستان پھچڻ گڏيل تعاون کانسواءِ ممڪن نھ ھو. ھن ٻڌايو تھ ويڪسين پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏي آھي جڏھن تھ وبا ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان کي 50 ملين ڊالرز الڳ فراھم ڪيا ھئا جڏھن تھ ويڪسين جي معاملي تي پاڪستان سان تعاون جاري رھندو. ٻئي پاسي ايسٽرازنيڪا ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ھلندڙ مھيني ملڻ جو امڪان آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔