وفاقي حڪومت پيٽرول کانپوءِ بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي!!

اسلام آباد: نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ بجلي جي قيمتن م اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا موجب گهريلو صارفين لاءِ بجلي 8 پيسا في يونٽ ۽ ڪمرشل صارفين لاءِ 11 پيسا في يونٽ بجلي مهانگي ٿيندي. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ آڪٽوبر 2021 کان لاڳو ٿيندي ۽ اهو اضافو هڪ سال تائين جاري رهندو. اعلان موجب اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين، لائيف لائين ۽ 300 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن تي لاڳو نه ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔