ڪورونا وائرس بابت نئين تحقيق، ماهرن منجهيل سوال حل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ بيماري ڪووڊ 19 جي حوالي سان هڪڙو حصو وبا جي شروعات ۾ ئي ماهرن جي لاءِ ڳجهارت بڻيل هو ته آخرڪار ڪجهه ماڻهن ۾ ان جي شدت گهڻي جڏهن ته ڪيترن ئي ۾ علامتون معمولي يا وري ظاهر ئي ناهن ٿينديون.
هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ ڳجهارت جو جواب سامهون اچي ويو آهي.
آمريڪا جي اسٽيفورڊ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن ماڻهن ۾ ڪووڊ جي شدت معمولي هوندي آهي ان جو سبب ماضي ۾ ٻين قسمن جي موسمي ڪورونا وائرسز سان منهن ڏيڻ آهي.
مطلب ته اهي ڪورونا وائرسز گهڻي قدر ٻارن ۾ عام نزلي ۽ زڪام جي ڪري بڻجن ٿا ۽ مدافعتي نظام جا مخصوص خليا ان کي ياد ڪندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مدافعتي خليا تيزي سان سارس ڪوويڊ2(ڪووڊ جو سبب بڻجڻ واري وائرس)جي خلاف ان وقت حرڪت ۾ ايندا آهن جنهن انهن جو مقابلو مختلف ڪورونا وائرسز سان ٿي چڪو هوندو آهي.
اهڙا مدافعتي خليا جن کي ٽي سيلز چيو ويندو آهي، رت ۾ گهمندا آهن ۽ جيوڙن جي ميزباني ڪندڙ خلين جي خلاف آپريشن ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔