لائيو شو دوران اينڪر پگھار جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل

زمبابوي سان تعلق رکندڙ نيوز اينڪر لائيو شو دوران پگھار جو مطالبو ڪري ڇڏيو جنھن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڪي بي اين ٽي وي نيوز سان تعلق رکندڙ اينڪر خبرون پڙھڻ دوران پنھنجي پگھار جي چيڪ جو مطالبو ڪيو. غير ملڪي ميڊيا جي ھڪ رپورٽ موجب اينڪر خبرون پڙھڻ دوران دعويٰ ڪئي تھ مونکي ۽ منھنجي ٻين ساٿين کي معاوضي جي ادائيگي ناھي ڪئي وئي.وائرل ٿيندڙ ويڊيو ۾ اينڪر جو چوڻ ھو تھ خواتين حضرات خبرن کان پري اسان انسان آھيون، اسانکي معاوضو ضرور ملڻ گھرجي، بدقسمتي سان اسان کي ھتي ادائيگي ناھي ڪئي وئي. ٻئي پاسي چئنل انتظاميا سوشل ميڊيا تي ھڪ بيان جاري ڪندي پنھنجو موقف واضھ ڪيو آھي تھ اينڪر لائيو شو ۾ پگھار جو مطالبو نشي ۽ ھڪ رات ۾ شھرت جي حصول جي لاءِ ڪيو. جڏھن تھ اينڪر طرفان چئنل انتظاميا جي موقف جي تردي ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔