”ٽيڪس ڏيڻ جوڳي آمدني تي انڪم ٽيڪس نه ڏيندڙ هاڻ گرفتار ٿيندا“

اسلام آباد: انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ ڪيل ترميمن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪس جوڳي آمدني لڪائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس چوري جو پتو ٿرڊ پارٽي طريقي ڪار تحت لڳايو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ بزنس بينڪ اڪائنٽ جي فراهمي لازمي ٿي وئي، بزنس بينڪ اڪائونٽس فراهم نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي ۽ بزنس بينڪ اڪائونٽ ڊڪليئر ڪرڻ جي ذميواري ٽيڪس ڏيندڙن تي هوندي جنهن ملڪ مان سامان درآمد ٿيندو اُتان جو ماسٽر بل فراهم ڪرڻو پوندو، ڪارگو مان سامان جي وصولي لاءِ ڪليئرنگ ايجنٽ لائسنس به لازمي هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔