بحريا ٽائون انتظاميا خلاف چڙھائين ۽ قبضي جو ڪيس داخل، ملڪ رياض جو نالو شامل ناھي!

ملير: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بحريا ٽائون انتظاميا جي آفيسرن سميت ٻه سئو ڄڻن خلاف گڏاپ ٿاڻي تي ڳوٺاڻي امير علي گبول جي مدعيت ۾ ڪيس داخل، فريادي ملڪ رياض جو نالو شامل نھ ڪرايو، ايف آءِ آر ۾ بحريا ٽائون لينڊ ڊپارٽمنٽ ايڊمرل ر احمد حيات، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪرنل (ر) رفاقت، ڊائريڪٽر لينڊ ڪرنل (ر) خورشيد بخاري، ايم ڊي اي آفيسر انجنيئر محمد رياض، محمد دانش ۽ سرفراراحمد جوکا سميت 200 ڄڻا شامل آھن، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي ڄاڻايل آفيسرن جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، عورتن ٻارن مٿان تشدد ڪري سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي، ايف آءِ آر ۾ قلم 447/ 448 ,453 , 506, B , 427 431 شامل ڪيا ويا آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔