ڪورونا وائرس اوهان جي دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو: تحقيق

لنڊن: نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا وائرس اوهان جي دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪورونا وائرس جي اثرن تي مختلف ملڪن ۾ تحقيق جاري آهي. هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا وائرس نه صرف ڦڦرن، دل ۽ گڙدن کي متاثر ٿو ڪري پر هي دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. برطانيه ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري دماغي ٽشوز کان محرومي کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن ته هن جي اثرن سبب سونگهڻ ۽ چکڻ جي حس کان محرومي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.محققن جو خيال آهي ته نئين تحقيق سڌو سنئون ڪورونا وائرس جو اثر آهي ڇو ته وائرس دماغ ۾ نڪ جي رستي داخل ٿيندو آهي. پر مخصوص دماغي حصن ۾ تبديليون جيئن سونگهڻ ۽ چکڻ جي حسن کان محرومي جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو. نتيجن مان اها به خبر پوي ٿي ته ڪورونا جي معمولي شدت يا نشانين کان محفوظ رهندڙ ماڻهن ۾ به ڊگهين نشانين جو خطرو هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔