ٽڪ ٽاڪ چوهٺ لک کان وڌيڪ پاڪستاني وڊيوز هٽائي ڇڏيون

لنڊن: ٽڪ ٽاڪ پاران پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪستان ۾ 3 مهينن دوران سٺ لک کان وڌيڪ وڊيوز ايپليڪيشن تان هٽايون ويون.مختصر وڊيوز ٺاهيندڙ ۽ شيئر ڪندڙ چيني ايپليڪيشن پنهنجي ڇهه ماهي ٽرانسپيرنسي رپورٽ جاري ڪئي آهي. پاڪستاني مارڪيٽ مان ٽڪ ٽاڪ جون 65 لک 90 هزار کان وڌيڪ وڊيوز هٽايون ويون. پاڪستان ٻئي وڏي مارڪيٽ آهي جتي آمريڪا کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ وڊيوز هٽايون ويون.رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ جي ڪميونٽي گائيڊ لائنز ٽرمز آف سروس جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ ڪووڊ 19 جي باري ۾ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙيندڙ وڊيوز هٽايون ويون آهن. مختصر وڊيوز شيئر ڪندڙ ايپ ٽڪ ٽاڪ پهريون ڀيرو پنهنجي صارفين جي لاءِ پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ جي لاءِ مختلف ملڪن ۾ ڪيس داخل هئا جنهن کان پوءِ هن وڊيو شيئرنگ ايپ صارفين جي لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. پاليسي ٺاهڻ کان پوءِ پهرين ئي ڏينهن ڪمپني 70 لک کان وڌيڪ شڪي ۽ ننڍي عمر صارفين جي اڪائونٽس کي بند ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔