هاڻ اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ جو وقت گذري ويو، چيني صدر جو عالمي طاقتن کي پيغام

بيجنگ: چيني صدر شي جن پنگ عالمي طاقتن کي خبردار ڪيو آهي ته هاڻ چين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو وقت ختم ٿي ويو.چيني ڪميونسٽ پارٽي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيني صدر عالمي طاقتن کي واضح پيغام ڏنو. چيني صدر وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته چين کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو وقت هاڻ ختم ٿي ويو آهي ۽ جنهن به پارٽي چيني عوام کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.ميڊيا رپورٽن موجب چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 100هين سالگره جي تقريب ۾ چيني صدر سان گڏ پارٽي جي سينئر قيادت به شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيني صدر پنهنجي خطاب ۾ پارٽي طرفان چين کي تباهه ڪندڙ جاگيرداراڻه، سسٽم مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ سوشل مارڪيٽ ٺاهڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي به روشني وڌي.صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته صرف سوشلزم ئي چين کي محفوظ بنائي سگهي ٿو ۽ اهوئي هڪ طريقو چين کي ترقي ڏياري سگهي ٿو. هن پيغام ڏنو ته ٻاهرين طاقتن کي چيني قوم جي رٽ ۽ طاقت کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔