ايراني سپريم ليڊر ملڪي عدليا جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو

تهران: ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آيت الله غلام حسين محسني کي ملڪي عدليا جو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.
عدليا جي اڳوڻي سربراهه ابراهيم رئيسي تازو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ هو 3 آگسٽ تي صدارت سنڀاليندو.
نئون چيف جسٽس محسني ان کان اڳ ملڪي عدليا جو نائب سربراهه هو.
غلام حسين محسني به ابراهيم رئيسي جيان سخت نظريا رکندڙ مذهبي اسڪالر آهي، جڏهن ته هو ايران جي انٽيليجنس معاملن جو وزير به رهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔