ڪترينا ڪيف ”ڪترينا خان“ بڻجڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو: سلمان خان

ممبئي: بالي ووڊ سلطان سلمان خان چيو آهي ته ڪترينا ڪيف ”ڪترينا خان“ بڻجڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀيرو سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف شادي جي تقريب ۾ موجود هئا، سلمان خان اسٽيج تي موجود هو ته ان ئي دوران گانو ”چڪني چميلي“ هليو، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف پرفارم ڪيو هو.
سلمان خان گانو هلندي ئي ڪترينا کي اسٽيج تي اچڻ تي دعوت ڏني چيو ته ڪترينا، وري چيو ته ڪيف، ٿورو وقفو ڪري وري چيو ته ڪپور، ان کانپوءِ سلمان خان چيو ته ”توهان خان بڻجڻ جو ڪيڏو وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو“.
سلمان خان جي ان جملي تي اتي موجود ماڻهو ٽهڪ ڏيڻ شروع ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔