ملڪ ۾ پيٽرول خطي جي ٻين ملڪن کان سستو آهي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا اگهه سڀني کان گهٽ آهن.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جون ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 110 رپيا 6 پيسا في ليٽر هئي.
ان موقعي تي سري لنڪا ۾ 145 رپيا 6 پيسا، ڀارت ۾ 214 رپيا هڪ پيسو، چين ۾ 181 رپيا 6 پيسا، ڀوٽان ۾ 145 رپيا 7 پيسا، بنگلاديش ۾ 165 رپيا 8 پيسا، انڊونيشيا ۾ 115 رپيا 9 پيسا ۽ نيپال ۾ 169 رپيا 5 پيسا پيٽرول جو اگهه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔